Friday, 31 March 2017

ڀٽ ڀٽ ڳاڙهي گلاب جيان آءَ....! آڪاش هميراڻي

ڀٽ ڀٽ ڳاڙهي گلاب جيان آءَ....!
آڪاش هميراڻي
مُلڪ، صوبا، شهر، ڳوٺ ۽ واهڻ وستيون، ڪنهن خاص جڳهه جي ڪري مشهور هوندا آهن، اها خاص جڳهه تاريخي طور تي هڪ وڏي اهڃاڻ رکندي آهي. پوءِ چاهي اها مذهبي عبادت گاهه هجي. ثقافتي سڃاڻپ هجي يا کڻي سياسي سماجي توڙي تاريخ ساز ڪردارن ۽ ادبي واقعن سان سرشار هجي، ان جڳهه جي سُڃاڻپ ان تاريخي پهلو جي پُٺيان ٺهندي آهي. پوءِ اها ان ملڪ، صوبي، شهر يا ڳوٺ جي سُڃاڻپ بنجي ويندي آهي. پاڻ چند مثال پڙهندڙن جي آڏو رکنداسين ته جيئن ان سٽ کي سلجهائي سگهجي، فرانس طرفان 28 آڪٽوبر1886  تي آمريڪا کي ڏنل “اسٽيچو آف لبرٽي” آمريڪا جي اهم سڃاڻپ آهي. آمريڪا بابت تصور ڪيو ويندو آهي ته اسٽيچو آف لبرٽي ذهن جي نقش تي ضرور تري ايندو آهي. مصر جو ذڪر چيڙبو آهي ته تحرير اسڪوائر ضرور پنهنجي تاريخي حيثيت ذهن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بيان ڪرائيندو آهي. جيڪڏهن پنهنجي خطي ٿرپارڪر کي مدنظر رکي ڳالهه ڪبي ته جنجهي ڳوٺ جڳ مشهور پرولتاري اڳواڻ ڄام ساقي جي نالي پُٺيان سُڃاتو ويندو آهي، اهو ساڳيو ئي ڳوٺ آهي جتي نامور تعليمدان سچل جنجهي ۽ سنڌ جو بيباڪ صحافي سهيل سانگي، ڀٽائي جو پارکو الهداد جهنجهي ۽ امان سُکان ٻائي جي جنم ڀومي آهي. ائين ئي ڳوٺن، شهرن، واهڻ وستين ۽ ملڪن جي سُڃاڻپ بنائڻ لاءِ خاص پهلو اهم هوندو آهي، ڪابه شيءَ تاريخي پهلو کانسواءِ ڇسي ۽ غيردلچسپ هوندي آهي، اُهي تاريخي پهلو سماجن، قومن، ملڪن ۽ واهڻ وستين کي مهانتا بخشيندا آهن، اُهي مهانتا ايندڙ نسلن کي ورثي ۾ ملندي آهي ۽ هڪڙي چڪر سان اها مهانتا نسل درنسل منتقل ٿيندي رهندي آهي، ٿرپارڪر اهو خوش نصيب خطو آهي جنهن کي اها مهانتا حاصل آهي، پاڻ اڄ هن بلاگ جي ذريعي ٿر جي ڪجهه اهم جڳهين جي باري ۾ نظرثاني ڪنداسين.

گڍي ڀٽ

                  مٺي شهر جي اولهه ۾ نظر ايندڙ چاڪليٽي ڀٽ کي “گڍي ڀٽ” چيو ويندو آهي، هن ڀٽ پنهنجي تاريخي قدامت رکي ٿي. 2001 کان اڳ ۾ جڏهن گڍي ڀٽ تي وڃڻ لاءَ روڊ نه ٺهيا هئا، تڏهن سياح پيرين پنڌ گڍي ڀٽ گهمڻ ويندا هئا. جيڪي گڍي ڀٽ جي هنج ۾ قائم خوبصورت شهر مٺيءَ جو نظارو پسيندا هئا، چون ٿا ته گڍي ڀٽ تي ميرن جو قلعو هوندو هو، جيڪو انگريزن ٿر تي قبضي بعد ڊهرائي ڇڏيو، ان قلعي جا آثار به موجود آهن. ان ڀٽ  تي “گڍي” نالو ڪيئن پيو.؟ ان بابت اڃان جامع ڪم نه ٿي سگهيو آهي پر هي روايت پنهنجي اهميت جي حامل آهي ته گڍي ڀٽ جو نالو ميرن جي قلعي بعد پيو، ڇو ته قلعي کي ٻي ٻولي ۾ “گڍ” به چيو ويندو آهي، جيئن ڪارونجهر جي جبلن ۾ راڻي چندن سنگهه جو قائم ڪرايل قلعي کي “چندن گڍ” چئجي ٿو، ائين ئي ميرن جي قلعي پٺيان گڍ نالو پيو هجي ۽ “گڍ”  لفظ  جي بگاڙ کانپوءَ “گڍي” ٿيو هجي، مگر قصو اڃان تحقيق طلب آهي. موجوده وقت ۾ گڍي ڀٽ تي ريسٽ هائوس، هوٽل، سوئمنگ پول، پارڪون، جيم خانا ۽ ڪانفرنس حال ٺهي چڪا آهن، جنهن سبب ماڻهو آساني سان صبح توڙي شام جا خوبصورت پل گڍي ڀٽ تي آساني سان گذاري سگهن ٿا. برساتن جي موسم ۾ سياحن جو وڏو انگ گڍي ڀٽ پهچي موسم جو مزو وٺي ٿو ۽ لهندڙ سج توڙي اڀرندڙ  چنڊ جون چلولايون من اندر ۾  اُتاري سگهي ٿو .




سنڌ جي کوڙ شاعرن گڍي ڀٽ کي ڳايو آهي، گڍي ڀٽ ان ڪري به خوشنصيب آهي جو مهان شاعر شيخ اياز پُڻ پنڌ لتاڙي گڍي ڀٽ تي ڀيرو ڀڃي ڀيٽا ڏني آهي.
گڍي تان جيئن سج لهي ٿو،
ڀٽ ڀٽ ڳاڙهي گلاب جيان آءَ

ڀوڏيسر

ڪارونجهر جبل جي پهاڙي سلسلي ۾ اُتر اوڀر طرف هڪڙي ٽڪر کي “ڀوڏيسر” چوندا آهن، وڏي ڳالهه اها آهي ته “ڀوڏيسر” ٽڪري جو به نالو آهي، ٽڪري تان برساتي پاڻي لهي هڪ تلاءَ ۾ جمع ٿئي ٿو، ان تلاءَ جو نالو به “ڀوڏيسر” آهي ته تلاءَ جي هيٺانهين آڳنڌ ۾ هڪ پراڻي مسجد ٺهيل آهي، ان جو به نالو “ڀوڏيسر” مسجد آهي، ڀوڏيسر وٽ ڪافي سڃاڻپون آهن  پر پاڻ “ڀوڏيسر” جي مسجد بابت ويچار ونڊينداسين،
            ٿر جو ناميارو تاريخدان رائيچند راٺوڙ پنهنجي تصنيف “تاريخ ريگستان” ۾ لکي ٿو ته “ڀوڏيسر جي مسجد، گجرات جي حاڪم سلمان محمود بيگڙي ٺهرائي، جا سنگمرمر جهڙي پٿر جي ٺهيل آهي، هن مسجد جي ڊيگهه ۽ ويڪر 30 فٽ کن آهي، اڌ ۾ ٿنڀن سان اڏاوت آهي ۽ اڌ خالي آهي، مٿي قبو آهي، جنهن جو نمونو اهڙو آهي جهڙو مغلن جي وچئين سمي ۾ اڏيل مسجدن جو،  محراب وٽ هڪ پٿر لڳل آهي، جنهن تي فارسي اکر لکيل آهن پر سنڀال نه هئڻ سبب ڊهي ويا آهن، چٽا پڙهڻ ۾ نٿا اچن، البت محمود بن مظفر شاهه جو نالو ۽ سال 1505 پڙهي سگهجن ٿا، هن مان سمجهجي ته سلطان جي ٽئين ڪاهه، انهي سال 1505 برابر هه ­_ سنبت 1562 ۾ ٿي، اها مسجد ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڀوڏيسر وٽ آهي، جنهن ڪري عام طرح ڀوڏيسر واري مسجد سڏجي ٿي،ڀرسان قبرستان آهي، جو انهن شهيدن جو آهي، جي سلطان محمود جي لشڪر ۾ هئا ۽ بهادري سان وڙهندي مارجي ويا”.


هن مسجد بابت ڪيئي روايتون پڻ جڙيل آهن، هڪ روايت هي به آهي ته “هن مسجد جي ڇت تي 101گنبذ واري شڪل جهڙيون  ڪنگريون لڳل آهن” پر اُنهن کي ڳڻيو  ويندو آهي ته 100 يا  99  ظاهر ٿينديون آهن، ڀوڏيسر جي مسجد جي چئوطرف خوبصورت وڻ بيٺل آهن جيڪي پُڻ مسجد جي خوبصورتي جو باعث بڻيل آهن،    ڀوڏيسر جي مسجد ۾ ٿيل چٽسالي  ان وقت  جي شاهڪاريت  ڀرپور نموني ظاهر ٿئي ٿي.
ثقافت کاتو توڙي ثقافت کاتي جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ميلن  ۾ جتي اديبن جي ڀرمار، قديم آثارن کي بچائڻ لاءَ  عملي ميدان ملهائڻ بجاءَ وزيرن ڪبيرن جي شان ۾ ثنا خوانيون ڪرڻ ۾ مصروف هجن، دانشور ڌرتي ڌڻين جي ڌر ٿيڻ بجاءَ اصل سرڪار جي ونگار وهڻ ۾ مصروف هجن، جتي شاعر پنهنجي ڏات  کي بازار جو سستو وکر بڻائيندا هجن، اُتي ڀوڏيسر جي مسجد توڙي ٻيا عظيم قديم آثار لاوارثي جي ابدي  تباهي جي ور چڙهي پنهنجي قدامت ۽ افاديت کي گهڻو وقت برقرار ناهن رکي سگهندا ۽ آهستي آهستي ڌرتي جي گولي تان پنهنجو وجو وڃائي ويهندا آهن.

نيڻو رام آشرم

نمن جي شهر اسلامڪوٽ  ۾ قائم نيڻو رام آشرم، ڀگت نيڻورام جي نالي سان منسوب ٿيل آهي، جتي سنت نيڻورام پنهنجي زندگي جا گهڻا ڏينهن گذاريا، سنت نيڻورام  جو جنم 1898ع ڌاري جون جي مھيني ۾ ٿيو. نيڻورام  جي والد  جو نالو شري مينگھو رام ۽ ماءَ جو نالو شريمتي ميگھان ٻائي ھو، جيڪي لالاڻي پريوار سان تعلق رکندا ھُئا. ، ڀڳت صاحب صرف پرائمري ڪلاس پڙھيل ھو پر کين شاھ ڀٽائي جا بيت، ڪبير ڀڳت جو ساکيون، سامي جا سُلوڪ ۽ بُلھي شاھ جا ڪلام برزبان ياد ھوندا ھُئا. مائٽن سنت نيڻو رام کي دُڪان تي ويھاريو پر سندن من ڪڏھن به ڪاروبار ۾ ڪانه لڳو، سنت نيڻورام جو ننڍپڻ کان ئي لاڙو پنهنجي ڌرم ڏانھن وڌيڪ ھو،  اڪثر ماڻھن ۽ غريبن کي گھٽ پئسن ۾ وکر ڏيئي ڇڏيندا ھُو، آخرڪار ھڪ ڏينھن ڌنڌو ڇڏي تيرٿ ياترا تي ھليو ويو ۽ پيرين پنڌ ڪيترا ئي تيرٿ ڪيائين. واپسي ۾ جڏھن راجسٿان جي ڪيڪڙ ڳوٺ پھتو ته اُتي گُرو ڪنيرام جي آشرم ۾ رھيو ۽ گُرو جو ستسنگ ٻُڌي ڏاڍا پرسن ٿيو ۽ دل سان ڪنيرام کي پنھنجو گرو ڪري مڃيائين. ڪافي عرصو اُتي رھيو پوءِ ڪجھه سال ٻاڙمير (راجسٿان ) ۾ به گُذاريائين، آخرڪار 1935ع ڌاري واپس سلام ڪوٽ آيو ۽ پورڻ ڀارتي مڙھي کي پنھنجو آسٿان بنائي رھڻ لڳو، جيڪو ھاڻ سنت نيڻورام آشرم سڏجي ٿو.


سندن دور ۾ ڏڪار ۽ برساتون گھٽ پوڻ ڪري اڪثر مالوند ماڻھو سوڪهڙي جي ڏينھن ۾ مال ڪاھي سنڌ ۽ بيراج علائقي ڏانھن ويندا ھئا، رستي ۾ مال اُڃ ۽ بک ۾ پاھ ٿي ويندو ھو. تڏهن شري نيڻورام   پنھنجي آشرم  ۾ مفت گگدامن کي پاڻي پيارڻ ۽ بُکين کي ماني کارائڻ جو سلسلو جاري ڪيو، اھڙي طرح پکين کي داڻا ڏيڻ جو به ڪم شروع ٿيو، هن سڄي زندگي انسانذات جي ڀلائي ۽ خدمت ۾ وقُف ڪري، پنهنجي ذات مان خوشيون ورهائيندڙ، هر چهري جي مُرڪ، غريب، مسڪينن جو ڀرجھلو، بي سهارن جو سهارو، ۽ دردمندن جو هُمدرد سائين سنت نيڻو رام جسماني طرح سان 15 سيپٽمبر 1973ع ڌاري اسان کان جدا ٿي پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو. اهو هر ڪنهن لاء اداس شام جو پهر هو، هر اک آلي، پکي، پسو، وڻ، ٽڻ، ٻوٽا، جانور نماڻا هئا، ڄڻ ان لحمي سڄي رنگين دنيا بي رنگ ۽ ساريون خوشيون رُٺل ئي لڳيون، هر طرف سُوڳوار ماحول هو، اُن وقت اسلام ڪوٽ شهر جي 6 هزار آبادي جا اداس چهرا سندس آخري ديدار لاءِ گڏ ٿيا هئا.
صبح سوير کين وئڪُٽي کي گلن سان سينگاريو ويو. سنت جي شروع ڪيل انسانذات جي ڀلائي ۽ خدمت وارا ڪم اڄ به جاري ساري آهن.جهڙوڪ انسانذات جي ڀلائي، خدمت، انسانن، پکين، جيتن، جانورن جي کاڌي پيتي جو بندوبست پڻ ٿيل آهي. جتي روز هزارين پيٽ بکايل پنهنجون بکون لاهين ٿا.
سائين جي ورسي هر سال اُستو بڊي جي مهيني جي ٽيج کان شروع ٿئي ٿي، جيڪو ٽي ڏينهن وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي وڃي ٿي. جتي وڏي انگ ۾ سڄي سنڌ کان ياتري اچي گڏ ٿيندا آهن، جيڪي بنا ڪنهن رنگ، نسل، قوم ۽ مذهب جي نيڻورام آشرم ۾ گڏ ٿي هڪ ٻئي سان عقيدت جو اظهار ڪندا آهن.


Sunday, 19 March 2017

Contemporary Top Issues Of Mithi and Causes; Blog By Akash Hamirani

مٺي جا بنيادي مسئلن کان ڪير واقف ناهي؟

آڪاش هميراڻي
2k16/MMC/10s
سنڌ جو 21000 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل ضلعو ٿرپارڪر، پاڪستان ۾ پٺتي پيل علائقن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ زندگيءَ جي بنيادي سهولتن جي اڻهوند کان وٺي، سماجي ۽ سياسي ڏيوالپڻو پڻ چوڌاري گهيرو پئي ڪندو آيو آهي. ماضيءَ ۾ جڏهن اسان وٽ سائنسي ميدان ۾ ايڏي ترقي نه ٿي هُئي، تڏهن ٻاهرين ماڻهن وٽ ٿر جو تصور مثبت هو، ماڻهوءَ ٿر کي امنَ، محبتن ۽ مهماننوازي جي روپ ۾ پسيندو هو. ٿري ماڻهن بابت پينُو وارو تصور نه هو. ٿرين جو تعارف ثقافت جي امين هُئڻ وارو هو، پر جيئن اسان جي ٽين دنيا ۾ سائنس جي ميدان ۾ ترقي ٿي ته مواصلات جي ذريعن ۾ پڻ اضافو ٿيو ۽ اها مواصلاتي واڌ اهڙن ماڻهن وٽ هلي ويئي، جيڪي سرمائيدار طبقي سان واسطو رکندڙ هئا، دنيا جي اندر  جتي به عوام دشمن حڪومتون اينديون آهن، اُتي سرمائيدار طبقو انهن جي ونگاري بڻجي ويندو آهي  پوءِ چاهي هو ڪنهن به شڪل ۾ هجي، ميڊيا جي صورت ۾ هُجي يا وري ملٽي نيشنل ڪمپنين  جي شڪل ۾ هُجي. اهو طبقو حڪومت سان ٽڪر ۾ اچڻ کان بچاءُ لاءِ عوام سان ويساهه گهاتيون ڪندو  رهيو آهي. اهڙو ئي قصو ٿرپارڪر سان ٿيو آهي، ڏڪار جو ٽريلر جاري ڪري آهستي آهستي وڏي فلم ٿر جي ڳچي ۾ وڌي وئي، جنهن جا سماج تي ناڪاري اثر پيا آهن، ان سڄي فلم جي شوٽنگ ٿرپارڪر جي شهر مٺي ۾ ڪئي وئي ۽ هن بلاگ جي ذريعي اڄ پاڻ مٺي جي مسئلن تي ٽيڪاٽپڻي ڪنداسين.
 ضلعي ٿرپارڪر جو هيڊ ڪوارٽر مٺي آهي، جيڪو 20هزار انساني آبادي تي مشتمل آهي.  ايڏي وڏي آبادي وارو شهر مٺي ڪيترن ئي مسئلن ۾ گهيريل آهي،  هتان جو عوام سُٺي تعليم، صحت ۽ بيروزگاريءَ جهڙن خطرناڪ بنيادي مسئلن کي مُنهن ڏئي رهيو آهي.  اچو ته هنن اهم بنيادي مسئلن  جو  مختصر طور تي جائزو وٺون.

معياري تعليم جو فقدان:

ٿرپارڪر جي 25 لک آبادي جو تعليمي مرڪز مٺي شهر آهي، جنهن ۾ صرف هڪ بوائز پوسٽ گريجوئيٽ ڊگري ڪاليج، هڪ گرلز ڊگري ڪاليج  ۽ چند پرائمري توڙي هاءِ اسڪول آهن،  جتي معياري تعليم جو فقدان آهي، ڊگري ڪاليج مٺي جي مسٽ رول  کولي ڏسبي ته شاگرن جي حاضري صرف 20 سيڪڙو تائين نظر ايندي، ڇاڪاڻ ته ڪاليج ۾ پڙهائيندڙ استادن جا شهر ۾ خانگي ٽيوشن سينٽر کليل آهن، جتي ڪاليج ۾ پڙهندڙ شاگردن کي پنهنجي سينٽرن تي پڙهڻ لاءِ آماده ڪن ٿا ۽ انهي خانگي ٽيوشن سينٽر پڙهندڙ شاگرد کي ڪاليج وڃڻ جي ضرورت ئي نٿي پوي، ان کان به معياري تعليم ساڳئي ڪاليج جي پروفيسرن کان سندن خانگي سينٽر تي حاصل ڪن ٿا، نتيجي ۾  ڪاليج ۾ داخل اُهي شاگرد جيڪي خانگي ٽيوشن سينٽرن جون فيون ڀري نٿا  سگهن سو ئي ڪاليج جا چڪر ڏيئي پنهنجو  سونهري ٽائيم تعليم جي نالي ۾ ضايع ڪري رهيا آهن، الميو اهو به آهي  ته ڪاليج جي استادن جي  مختلف ٽيوشن سينٽرن جي ٽائمنگ  صبح جي وقت به رکيل آهي، جتي فزڪس، ڪيميسٽري، بايولاجي يا ٻين اهم مضمونن جا اُستاد ڪاليج وڃڻ بدران پنهنجن خانگي سيٽرن تي پڙهائڻ وڃن ٿا جتي ٿوري تعداد ۾ حاضر ٿيل شاگرد به مايوس ٿي واپس موٽي وڃن ٿا، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هي حالت سڄي سنڌ جي ڪاليجن جي آهي، پر ڊائريڪٽر آف ڪاليجز  کي ننڊ جون گوريون ڇڏي هن معاملي جو نوٽيس وٺڻ کپي، ساڳيو حال ئي هاءِ اسڪولز جو آهي.



(هي تصوير هاءِ اسڪول مٺي جي آهي، جنهن ۾ فرنيچر جي کوٽ هئڻ سبب شاگرد پٽ تي امتحان ڏئي رهيا آهن (تصوير انٽرنيٽ جي ٿورن سان)

گرلز ڊگري ڪاليج جو جائزو  وٺبو ته اُتي پڻ اها ئي ساڳي حالت  آهي. هاءِ  اسڪول، مڊل اسڪول توڙي پرائمري اسڪولن ۾ مقامي سياسي بنيادن تي  ڀرتي ڪيل  استادن جي اولين ترجيح پڙهائڻ بجاءِ حاضري  ڀري پنهنجا ڪم  ڪار ڪرڻ آهي، جنهن سبب شاگرد پڙهڻ ۾ دلچسپي ۾ وٺڻ بجاءِ بدظن ٿي وڃن ٿا.  مٺي شهر جي ايڏي وڏي آباديءَ ۾ بوائز هاءِ اسڪول صرف ٻه آهن. جتي شاگردن جو وڏو تعداد پڙهڻ چاهي ٿو پر بلڊنگ  توڙي فرنيچر جي کوٽ سبب رهجي وڃي ٿو، ساڳي حالت  درجنين جي تعداد ۾ قائم خانگي اسڪولن جي آهي.  جتي تربيت يافته استادن جي کوٽ سبب شاگرد صلاحيتن ۾ واڌاري بجاءِ رٽافڪيشن جا ماهر ٿي وڃن ٿا.  تعليم هر ماڻهو جو بنيادي حق آهي. پر مٺي شهر ۾ ويٺل ايڏي وڏي آباديءَ مان  تمام ٿوري آبادي آهي، جيڪو تعليم جهڙي بنيادي حق تائين رسائي حاصل ڪري ٿي. هي  هڪ اهم مسئلو آهي،  جنهن تي اسان سڀني کي سوچڻو پوندو.

صحت جو  به ساڳيو حال!

‘جيءُ خوش ته جهان خوش!’  واري چوڻي  مزاج ۾ انتهائي خوبصور ت  حقيقت آهي، پر جتي جيءُ خوش ڪرڻ وارا مسيحا ۽ فلاحي ادارا به نه هجن اُتي سمورو جهان ناخوش هوندو آهي. اسان جو سماج ايترو  ته بي حس ٿي چُڪو آهي جو هوءَ پنهنجي ادارن تي سرڪاري ٺپو هڻي لاوارثي اختيار ڪندو آهي ۽ پوءِ ساڳي ادارن ۾ پنهنجا مرندڙ احساس ميڙي ڪنهن ڪنڊ پاسي دفن ڪندو آهي. اها ئي ساڳي حالت صرف مٺيءَ جي نه بلڪه پوري ٿرپارڪر جي 70 بيڊن تي مشتمل وڏي اسپتال سول اسپتال مٺي جي آهي.


(هي تصوير سول اسپتال مٺي جي آهي جتي ٻارن جي وارڊ ۾ بيڊ گهٽ هئڻ سبب عورتون وارڊ جي ٻاهر ٻار کي کڻي ويٺل آهن) (تصوير مقامي صحافي جي ٿورن سان)


مٺي شهر جي هيڏي وڏي آباديءَ کي  هيءَ اسپتال سُٺي صحت مهيا ڪري نٿي سگهي،  سول اسپتال مٺيءَ ۾ دل جي بيمارين وارو وارڊ ته کليل آهي پر اُن جاءِ تي هڪ اهڙو مسيحا موجود آهي جيڪو  اڳواٽ ئي پرچي تي ‘ريفر ٽُه سٽي ڪراچي/حيدرآباد’ وارو نوٽ هڻي ويٺو آهي. اهڙي صورتحال ٻين وارڊن جي پڻ آهي، جنهن ۾ مليريا، هيپاٽائٽس، ٽي بي، ڪالرا توڙي ٻارڙن جي بيمارين  وارن وارڊ  شامل آهي.  اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽر فارميٽيڪل ڪمپنين سان پنهنجا شيئر هضم ڪرڻ خاطر غريب عوام کي مهانگين دوائن جو ڊوز خانگي اسٽورن تان خريد ڪرڻ جو لکي ڏين ٿا. جنهن ۾ ڪمپنيون، ڊاڪٽر توڙي ميڊيڪل اسٽور مالڪ خوب جاوا ڪن ٿا. مجموعي طور تي خانگي ڪلينڪن تي غريب عوام جي پهچ نه هئڻ سبب سُٺي صحت کان محروم رهي ٿي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ، دوائڻ جي اڻهوند ۽ ٻين ڪيترن  ئي مختلف سببن جي ڪري مريضن جي صحت ۾ سُڌاري بجاءِ ويتر بيماري ۾ اضافو  ٿيندو رهندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سُٺي صحت ۽ جهان خوش وارو تصور به مٺي شهر ۾ اڌورو نظر اچي ٿو.

بيروزگاري  جي لڳل ڊگهي بازار:

اها هڪ حقيقت آهي ته سموري ٿر سميت  مٺي ۾ بيروزگاريءَ جي شرح ڪجهه وڌيڪ آهي،  اُن جا ڪارڻ  ڪيترائي آهن، پر اُنهن ۾ بنيادي ۽ خاص ڪارڻ ميرٽ جي لتاڙ، سياسي سفارشون، نوڪرين جو وڪرو ۽ ٽيسٽنگ ادارن پاران  مثبت هدايت ناما جاري نه ٿيڻ آهن.


( تصوير ۾ نظر ايندڙ  ريجنل آفيس صوبائي محتسب اعلى سنڌ ٿر پارڪر ايٽ مٺي جي آفيس آهي، جتي عدالتن ۽ پوليس مان تنگ ٿيل عوام جي نه ئي صحيح گائڊ لائين ڪئي وڃي ٿي نه ئي ڪو تدارڪ ٿئي ٿو.) (تصوير سوشل ميڊيا جي پيج تان ورتل)

 مٺي شهر ۾ قائم سرڪاري ادارا جن ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس، پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، محتسب اعليٰ، نادرا آفيس، توڙي ٻيا سماجي ڀلائي وارا ڪيترائي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. انهن سمورن ادارن ۾ ويٺل ماڻهن جو وڏو تعداد يا ته سياسي سفارشن تي ڀرتي ٿيل آهي يا وري پئسا ڏئي نوڪري حاصل ڪئي وئي آهي، جنهن سبب اُن نوڪري جي اصل حقداري جي حق تلفي ٿئي ٿي ۽ اُهو حقدار اُن حق کان محروم رهجيو وڃي، جنهن جي نتيجي بيروزگاريءَ  جنم وٺي ٿي. مٺي شهر ۾ خانگي ادارن جي گهڻائي هوندي به ادارن ۾ ويٺل بااثر ماڻهن پاران ميرٽ جي لتاڙ جاري آهي. جنهن سبب نوجوان کي خانگي ادارن مان به مايوسي پلئه پوي ٿي. اهي ئي سبب آهن جو سنڌ جي ٻين شهرن وانگر مٺي ۾ بيروزگاري جيئن جو تيئن جاري آهي. سنڌ جو مستقبل نوجوان آهن ، جيڪي پنهنجي طاقت جي مظاهري سان هن اثر کي ختم ڪري سگهن ٿا.