Friday, 31 March 2017

ڀٽ ڀٽ ڳاڙهي گلاب جيان آءَ....! آڪاش هميراڻي

ڀٽ ڀٽ ڳاڙهي گلاب جيان آءَ....!
آڪاش هميراڻي
مُلڪ، صوبا، شهر، ڳوٺ ۽ واهڻ وستيون، ڪنهن خاص جڳهه جي ڪري مشهور هوندا آهن، اها خاص جڳهه تاريخي طور تي هڪ وڏي اهڃاڻ رکندي آهي. پوءِ چاهي اها مذهبي عبادت گاهه هجي. ثقافتي سڃاڻپ هجي يا کڻي سياسي سماجي توڙي تاريخ ساز ڪردارن ۽ ادبي واقعن سان سرشار هجي، ان جڳهه جي سُڃاڻپ ان تاريخي پهلو جي پُٺيان ٺهندي آهي. پوءِ اها ان ملڪ، صوبي، شهر يا ڳوٺ جي سُڃاڻپ بنجي ويندي آهي. پاڻ چند مثال پڙهندڙن جي آڏو رکنداسين ته جيئن ان سٽ کي سلجهائي سگهجي، فرانس طرفان 28 آڪٽوبر1886  تي آمريڪا کي ڏنل “اسٽيچو آف لبرٽي” آمريڪا جي اهم سڃاڻپ آهي. آمريڪا بابت تصور ڪيو ويندو آهي ته اسٽيچو آف لبرٽي ذهن جي نقش تي ضرور تري ايندو آهي. مصر جو ذڪر چيڙبو آهي ته تحرير اسڪوائر ضرور پنهنجي تاريخي حيثيت ذهن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بيان ڪرائيندو آهي. جيڪڏهن پنهنجي خطي ٿرپارڪر کي مدنظر رکي ڳالهه ڪبي ته جنجهي ڳوٺ جڳ مشهور پرولتاري اڳواڻ ڄام ساقي جي نالي پُٺيان سُڃاتو ويندو آهي، اهو ساڳيو ئي ڳوٺ آهي جتي نامور تعليمدان سچل جنجهي ۽ سنڌ جو بيباڪ صحافي سهيل سانگي، ڀٽائي جو پارکو الهداد جهنجهي ۽ امان سُکان ٻائي جي جنم ڀومي آهي. ائين ئي ڳوٺن، شهرن، واهڻ وستين ۽ ملڪن جي سُڃاڻپ بنائڻ لاءِ خاص پهلو اهم هوندو آهي، ڪابه شيءَ تاريخي پهلو کانسواءِ ڇسي ۽ غيردلچسپ هوندي آهي، اُهي تاريخي پهلو سماجن، قومن، ملڪن ۽ واهڻ وستين کي مهانتا بخشيندا آهن، اُهي مهانتا ايندڙ نسلن کي ورثي ۾ ملندي آهي ۽ هڪڙي چڪر سان اها مهانتا نسل درنسل منتقل ٿيندي رهندي آهي، ٿرپارڪر اهو خوش نصيب خطو آهي جنهن کي اها مهانتا حاصل آهي، پاڻ اڄ هن بلاگ جي ذريعي ٿر جي ڪجهه اهم جڳهين جي باري ۾ نظرثاني ڪنداسين.

گڍي ڀٽ

                  مٺي شهر جي اولهه ۾ نظر ايندڙ چاڪليٽي ڀٽ کي “گڍي ڀٽ” چيو ويندو آهي، هن ڀٽ پنهنجي تاريخي قدامت رکي ٿي. 2001 کان اڳ ۾ جڏهن گڍي ڀٽ تي وڃڻ لاءَ روڊ نه ٺهيا هئا، تڏهن سياح پيرين پنڌ گڍي ڀٽ گهمڻ ويندا هئا. جيڪي گڍي ڀٽ جي هنج ۾ قائم خوبصورت شهر مٺيءَ جو نظارو پسيندا هئا، چون ٿا ته گڍي ڀٽ تي ميرن جو قلعو هوندو هو، جيڪو انگريزن ٿر تي قبضي بعد ڊهرائي ڇڏيو، ان قلعي جا آثار به موجود آهن. ان ڀٽ  تي “گڍي” نالو ڪيئن پيو.؟ ان بابت اڃان جامع ڪم نه ٿي سگهيو آهي پر هي روايت پنهنجي اهميت جي حامل آهي ته گڍي ڀٽ جو نالو ميرن جي قلعي بعد پيو، ڇو ته قلعي کي ٻي ٻولي ۾ “گڍ” به چيو ويندو آهي، جيئن ڪارونجهر جي جبلن ۾ راڻي چندن سنگهه جو قائم ڪرايل قلعي کي “چندن گڍ” چئجي ٿو، ائين ئي ميرن جي قلعي پٺيان گڍ نالو پيو هجي ۽ “گڍ”  لفظ  جي بگاڙ کانپوءَ “گڍي” ٿيو هجي، مگر قصو اڃان تحقيق طلب آهي. موجوده وقت ۾ گڍي ڀٽ تي ريسٽ هائوس، هوٽل، سوئمنگ پول، پارڪون، جيم خانا ۽ ڪانفرنس حال ٺهي چڪا آهن، جنهن سبب ماڻهو آساني سان صبح توڙي شام جا خوبصورت پل گڍي ڀٽ تي آساني سان گذاري سگهن ٿا. برساتن جي موسم ۾ سياحن جو وڏو انگ گڍي ڀٽ پهچي موسم جو مزو وٺي ٿو ۽ لهندڙ سج توڙي اڀرندڙ  چنڊ جون چلولايون من اندر ۾  اُتاري سگهي ٿو .




سنڌ جي کوڙ شاعرن گڍي ڀٽ کي ڳايو آهي، گڍي ڀٽ ان ڪري به خوشنصيب آهي جو مهان شاعر شيخ اياز پُڻ پنڌ لتاڙي گڍي ڀٽ تي ڀيرو ڀڃي ڀيٽا ڏني آهي.
گڍي تان جيئن سج لهي ٿو،
ڀٽ ڀٽ ڳاڙهي گلاب جيان آءَ

ڀوڏيسر

ڪارونجهر جبل جي پهاڙي سلسلي ۾ اُتر اوڀر طرف هڪڙي ٽڪر کي “ڀوڏيسر” چوندا آهن، وڏي ڳالهه اها آهي ته “ڀوڏيسر” ٽڪري جو به نالو آهي، ٽڪري تان برساتي پاڻي لهي هڪ تلاءَ ۾ جمع ٿئي ٿو، ان تلاءَ جو نالو به “ڀوڏيسر” آهي ته تلاءَ جي هيٺانهين آڳنڌ ۾ هڪ پراڻي مسجد ٺهيل آهي، ان جو به نالو “ڀوڏيسر” مسجد آهي، ڀوڏيسر وٽ ڪافي سڃاڻپون آهن  پر پاڻ “ڀوڏيسر” جي مسجد بابت ويچار ونڊينداسين،
            ٿر جو ناميارو تاريخدان رائيچند راٺوڙ پنهنجي تصنيف “تاريخ ريگستان” ۾ لکي ٿو ته “ڀوڏيسر جي مسجد، گجرات جي حاڪم سلمان محمود بيگڙي ٺهرائي، جا سنگمرمر جهڙي پٿر جي ٺهيل آهي، هن مسجد جي ڊيگهه ۽ ويڪر 30 فٽ کن آهي، اڌ ۾ ٿنڀن سان اڏاوت آهي ۽ اڌ خالي آهي، مٿي قبو آهي، جنهن جو نمونو اهڙو آهي جهڙو مغلن جي وچئين سمي ۾ اڏيل مسجدن جو،  محراب وٽ هڪ پٿر لڳل آهي، جنهن تي فارسي اکر لکيل آهن پر سنڀال نه هئڻ سبب ڊهي ويا آهن، چٽا پڙهڻ ۾ نٿا اچن، البت محمود بن مظفر شاهه جو نالو ۽ سال 1505 پڙهي سگهجن ٿا، هن مان سمجهجي ته سلطان جي ٽئين ڪاهه، انهي سال 1505 برابر هه ­_ سنبت 1562 ۾ ٿي، اها مسجد ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڀوڏيسر وٽ آهي، جنهن ڪري عام طرح ڀوڏيسر واري مسجد سڏجي ٿي،ڀرسان قبرستان آهي، جو انهن شهيدن جو آهي، جي سلطان محمود جي لشڪر ۾ هئا ۽ بهادري سان وڙهندي مارجي ويا”.


هن مسجد بابت ڪيئي روايتون پڻ جڙيل آهن، هڪ روايت هي به آهي ته “هن مسجد جي ڇت تي 101گنبذ واري شڪل جهڙيون  ڪنگريون لڳل آهن” پر اُنهن کي ڳڻيو  ويندو آهي ته 100 يا  99  ظاهر ٿينديون آهن، ڀوڏيسر جي مسجد جي چئوطرف خوبصورت وڻ بيٺل آهن جيڪي پُڻ مسجد جي خوبصورتي جو باعث بڻيل آهن،    ڀوڏيسر جي مسجد ۾ ٿيل چٽسالي  ان وقت  جي شاهڪاريت  ڀرپور نموني ظاهر ٿئي ٿي.
ثقافت کاتو توڙي ثقافت کاتي جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ميلن  ۾ جتي اديبن جي ڀرمار، قديم آثارن کي بچائڻ لاءَ  عملي ميدان ملهائڻ بجاءَ وزيرن ڪبيرن جي شان ۾ ثنا خوانيون ڪرڻ ۾ مصروف هجن، دانشور ڌرتي ڌڻين جي ڌر ٿيڻ بجاءَ اصل سرڪار جي ونگار وهڻ ۾ مصروف هجن، جتي شاعر پنهنجي ڏات  کي بازار جو سستو وکر بڻائيندا هجن، اُتي ڀوڏيسر جي مسجد توڙي ٻيا عظيم قديم آثار لاوارثي جي ابدي  تباهي جي ور چڙهي پنهنجي قدامت ۽ افاديت کي گهڻو وقت برقرار ناهن رکي سگهندا ۽ آهستي آهستي ڌرتي جي گولي تان پنهنجو وجو وڃائي ويهندا آهن.

نيڻو رام آشرم

نمن جي شهر اسلامڪوٽ  ۾ قائم نيڻو رام آشرم، ڀگت نيڻورام جي نالي سان منسوب ٿيل آهي، جتي سنت نيڻورام پنهنجي زندگي جا گهڻا ڏينهن گذاريا، سنت نيڻورام  جو جنم 1898ع ڌاري جون جي مھيني ۾ ٿيو. نيڻورام  جي والد  جو نالو شري مينگھو رام ۽ ماءَ جو نالو شريمتي ميگھان ٻائي ھو، جيڪي لالاڻي پريوار سان تعلق رکندا ھُئا. ، ڀڳت صاحب صرف پرائمري ڪلاس پڙھيل ھو پر کين شاھ ڀٽائي جا بيت، ڪبير ڀڳت جو ساکيون، سامي جا سُلوڪ ۽ بُلھي شاھ جا ڪلام برزبان ياد ھوندا ھُئا. مائٽن سنت نيڻو رام کي دُڪان تي ويھاريو پر سندن من ڪڏھن به ڪاروبار ۾ ڪانه لڳو، سنت نيڻورام جو ننڍپڻ کان ئي لاڙو پنهنجي ڌرم ڏانھن وڌيڪ ھو،  اڪثر ماڻھن ۽ غريبن کي گھٽ پئسن ۾ وکر ڏيئي ڇڏيندا ھُو، آخرڪار ھڪ ڏينھن ڌنڌو ڇڏي تيرٿ ياترا تي ھليو ويو ۽ پيرين پنڌ ڪيترا ئي تيرٿ ڪيائين. واپسي ۾ جڏھن راجسٿان جي ڪيڪڙ ڳوٺ پھتو ته اُتي گُرو ڪنيرام جي آشرم ۾ رھيو ۽ گُرو جو ستسنگ ٻُڌي ڏاڍا پرسن ٿيو ۽ دل سان ڪنيرام کي پنھنجو گرو ڪري مڃيائين. ڪافي عرصو اُتي رھيو پوءِ ڪجھه سال ٻاڙمير (راجسٿان ) ۾ به گُذاريائين، آخرڪار 1935ع ڌاري واپس سلام ڪوٽ آيو ۽ پورڻ ڀارتي مڙھي کي پنھنجو آسٿان بنائي رھڻ لڳو، جيڪو ھاڻ سنت نيڻورام آشرم سڏجي ٿو.


سندن دور ۾ ڏڪار ۽ برساتون گھٽ پوڻ ڪري اڪثر مالوند ماڻھو سوڪهڙي جي ڏينھن ۾ مال ڪاھي سنڌ ۽ بيراج علائقي ڏانھن ويندا ھئا، رستي ۾ مال اُڃ ۽ بک ۾ پاھ ٿي ويندو ھو. تڏهن شري نيڻورام   پنھنجي آشرم  ۾ مفت گگدامن کي پاڻي پيارڻ ۽ بُکين کي ماني کارائڻ جو سلسلو جاري ڪيو، اھڙي طرح پکين کي داڻا ڏيڻ جو به ڪم شروع ٿيو، هن سڄي زندگي انسانذات جي ڀلائي ۽ خدمت ۾ وقُف ڪري، پنهنجي ذات مان خوشيون ورهائيندڙ، هر چهري جي مُرڪ، غريب، مسڪينن جو ڀرجھلو، بي سهارن جو سهارو، ۽ دردمندن جو هُمدرد سائين سنت نيڻو رام جسماني طرح سان 15 سيپٽمبر 1973ع ڌاري اسان کان جدا ٿي پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو. اهو هر ڪنهن لاء اداس شام جو پهر هو، هر اک آلي، پکي، پسو، وڻ، ٽڻ، ٻوٽا، جانور نماڻا هئا، ڄڻ ان لحمي سڄي رنگين دنيا بي رنگ ۽ ساريون خوشيون رُٺل ئي لڳيون، هر طرف سُوڳوار ماحول هو، اُن وقت اسلام ڪوٽ شهر جي 6 هزار آبادي جا اداس چهرا سندس آخري ديدار لاءِ گڏ ٿيا هئا.
صبح سوير کين وئڪُٽي کي گلن سان سينگاريو ويو. سنت جي شروع ڪيل انسانذات جي ڀلائي ۽ خدمت وارا ڪم اڄ به جاري ساري آهن.جهڙوڪ انسانذات جي ڀلائي، خدمت، انسانن، پکين، جيتن، جانورن جي کاڌي پيتي جو بندوبست پڻ ٿيل آهي. جتي روز هزارين پيٽ بکايل پنهنجون بکون لاهين ٿا.
سائين جي ورسي هر سال اُستو بڊي جي مهيني جي ٽيج کان شروع ٿئي ٿي، جيڪو ٽي ڏينهن وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي وڃي ٿي. جتي وڏي انگ ۾ سڄي سنڌ کان ياتري اچي گڏ ٿيندا آهن، جيڪي بنا ڪنهن رنگ، نسل، قوم ۽ مذهب جي نيڻورام آشرم ۾ گڏ ٿي هڪ ٻئي سان عقيدت جو اظهار ڪندا آهن.


No comments:

Post a Comment