وفاقي
سرڪار ۽ سنڌ حڪومت ۾ تضادن جي اصل ڪهاڻي.!
آڪاش هميراڻي
ملڪن جي اندر فيڊريشن وارو ڪردار ماءُ وارو هوندو آهي، جنهن
جو پنهنجن رياستن يا صوبن تي شفقت وارو هٿ هوندو آهي، پر اسان کي انگريزن جي دور ۾
سنڌ اسيمبلي کان پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهرا منظور ڪرايو، اسان 1940ع واري قرارداد تي به
ايمان آندو. جنهن تحت اهو يقين ڏياريو ويو ته پاڪستان جا سمورا صوبا خودمختيار ۽
اسٽيٽ جو درجو رکندا، پر پاڪستان ٺهڻ بعد ڌارين جي لوڌ سنڌ جي صنعتن، ڪاروبار ۽
ٻين مڙني وسيلن تي قابض ٿي وئي، ائين ئي وفاق جي سنڌ سان ناانصافين جي تاريخ ڊگهي
آهي، ڪڏهن چونڊيل حڪومتن طرفان سنڌ جي پاڻي تي ڪالاباغ ڊئم جهڙي منصوبي جي ڳالهه
ٿئي ٿي ته ڪڏهن وري فوجي حڪومتن طرفان “ون يونٽ” جي نالي ۾ سنڌ جي قومي وحدت ۽ تشص جي تقدس کي پائمال ڪيو
ٿو وڃي، اهڙي روشن پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جاري آهي.
پاڻ اڄ
موجوده وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار جي وچ ۾ هلندڙ وڏن تضادن تي بحث ڪنداسين. هي هڪ
اڻٽر حقيقت آهي ته نون ليگ جي جڏهن به مرڪز ۾ حڪومت آئي آهي ته ننڍن صوبن سان ناانصافيون
شروع ٿي وينديون آهن، پنجاب ۾ ڪالاباغ ڊئم جو نعرو هڻي اليڪشن کٽيندڙ نواز حڪومت
ننڍن صوبن جو استحصال ڪندي ٿڪبي نه آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي ڪارگردگي ڏسبي ته بد
عنواني، ڪرپشن، بعدانتظامي ۽ بيروزگاري کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ايندو. سنڌ
سرڪار 9 سالن تائين مسلسل سنڌي ماڻهن سان ويڌن ڪري رهي آهي. جنهن جو تدارڪ تاريخ
ئي ڪري سگهي ٿي.
وفاق ۽
سنڌ سرڪار جا تضاد نواز حڪومت اچڻ کانپوءِ جلدي شروع نه ٿيا هئا، موجوده نواز
حڪومت 2013 جي اليڪشن بعد سنڌ سرڪار جي چئمپين زرداري صاحب سان اندروني طور ڊيل
بعد (Soft Corner) ۾
ورتو پئي ويو، پر پو جيئن ئي ڪراچي ۾ رينجرز اختيارين جي مدي ۾ واڌ نه ملڻ تي چوڌري نثار خط لکي ڳڻتي
جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت تي ڇوهه ڇنڊيا ۽ زرداري صاحب پڻ چوڌري نثار جي خط تي
ڪاوڙجي پيو ۽ بلاول کان وفاق جي خلاف تکا مٺا بيان ڏيارڻ شروع ڪيائين، ان وقت جو
وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پڻ خاموش نه رهيو ۽ چيائين ته رينجرز کي ڪراچي کان
سواءِ ٻين ضلعن ۾ اختيار نه ڏنا هئا. سنڌ حڪومت رينجرز کي اختيار ڏيڻ لاءِ پارٽي
سان مشاورت ڪندي ۽ رينجرز کي قانون جون حدون اورانگهڻ نه ڏينداسين.
اهو لقاءَ
پاڻ سمورن ڏٺو ۽ نيٺ هڪ ڏينهن رينجرز ڊاڪٽر عاصم کي کنڀي وئي ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ تڪرار تيزي سان
وڌندو ويو، نيٺ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي زرداري صاحب ملڪ ڇڏي ولايت وسائڻ لڳو ۽ ايڏي
طويل عرصي ۾ بلاول وفاق کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ تحريڪن جو اعلان ڪندو ويو پر ڪو خاص
احتجاج نه ڪيائين، گذريل سال بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ بلاول وفاق خلاف لانگ مارچ جو
اعلان ڪندي وفاق اڳيان ڏهه مطالبا رکيا پر لانگ مارچ “لانگ ڦول” ۾ تبديل ٿي وئي.
مراد علي
شاهه جي وڏ وزارت دوران به سنڌ سرڪار سنڌ جي مسئلن تي وفاق اڳيان ڪو خاص احتجاج نه
ڪيو، آدم شماري واري معاملي تي پڻ سنڌ
سرڪار جي بيانن ۾ سنجيدگي نظر نه آئي نه ئي ڪنهن تحريڪ کي جنم ڏيئي سگهيا، سنڌ
سرڪار ان سڄي دور ۾ عوامي مفادن بجاءِ ذاتي ۽ زرداري صاحب جي من پسند مطالبن تي ئي
وفاق سان ٽڪر کاڌو ، جنهن جو نتيجو ظاهر آهي ته عوامي جي دلچسپي جو سبب ناهي بنجي
سگهيو، جو سنڌ جي عوام جو به سنڌ سرڪار جي حمايت ۾ به ڪو ردعمل اچي. وفاق ته هميشه
صوبن جي مسئلن ۽ اتان جي ادارن جي تباهي تي خاموشي تماشائي بڻيل رهي آهي. خاص طور
نواز سرڪار ان معاملي ۾ سڀني کان اڳيان آهي.
سنڌ سرڪار
جو وفاق سان جيهڙو “پنج ٻَڌائڻ ۽ چار ڇَڏائڻ” وارو رهندو پئي آيو آهي پر هن وقت
الائي ڇو مراد علي شاهه جي چپن تي ڄمي ويل برف پگهرجي وئي ۽ وفاق کي سنڌ پاران
ملندڙ گيس فراهمي معطل ڪرڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي.
هن ملڪ ۾
مجموعي طور موجوده وقت جيڪا به گئس جي ڪل پيداوار آهي، تنهن مان سڀ کان گهڻي گئس
سنڌ مهيا ڪري ٿي ته کپت جي سلسلي ۾ پنجاب سمورن صوبن کان سرس آهي.
وفاقي سرڪار الائي ڪهڙا اڇا ڪارا چشما پاتا آهن جو هنن کي
ٻين صوبن جي ضرورتون ۽ حق سندن نظر ئي نٿا اچن، ان ڏس ۾ تازو مثال گئس ڪنيڪشن وارو
سامهون آيو آهي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت سمورا ڪنيڪشن پنجاب لاءِ مرڪوز ڪري باقي صوبن
خاص طور سنڌ کي وڏي پئماني تي نظر انداز ڪيو آهي. ان معاملي تي وڏي وزير جو احتجاج
سٺو سنئوڻ سمجهجهي ۽ وفاق کي سنڌ جي ٻين مسئلن تي پڻ اهڙي نموني سخت رويي ۾ چتاءَ
ڏجي ته جيئن سنڌ جي دردن جو درمان ڀل ٿئي نه ٿئي پر اسان سنڌ سرڪار جي گذريل 9
سالن دوران اهڙو مثال ته ڏيئي سگهون ته 9 سالن جي تاريخ دوران سنڌ سرڪار گهڻو نه
ته به هڪ ڀيرو اسان جي مسئلي تي سنجيدگي اختيار ڪئي.
No comments:
Post a Comment