روشن ڳوٺ ڏانهن سفر
وسيم احمد
2k16
Mmc 68 :رول نمبر
سياري جي موڪلن ۾ اسان ٽن دوستن جو ٻارنهن ربيع الاول تي هڪ گڏيل طور پروگرام
منعقد ڪيو، اهو پروگرام اسان جو هڪ روشني سان سينگاريل هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڏانهن هو اهو
ڳوٺ هر سال وانگر هن سال به روشني سان سينگاريل هو هي ڳوٺ منهنجي شهر شاهپور چاڪر
کان اوڀر طرف سانگهڙ روڊ واري پاسي آهي، جنهن جو مفاصلو سترانهن ڪلوميٽر شاهپور
کان آهي ۽ هن ڳوٺ کي ٽيويھ چڪ ڪري سڏيو وڃي ٿو.
جڏهن ته اسان ٽنهي دوستن شام جي وقت هن ڳوٺ جي سفر تي نڪتاسين ۽ اهو ڳوٺ ويجھو
هئيڻ ڪري، اسان پنهنجو سفر موٽر سائيڪل تي ڪيوسين، جڏهن اسان شهر کان ٻاهر وڃي
پهتاسين ته اسان کي شهر جي ٻاهرين پمپ کان پيٽرول ڀرايو، جڏهن ته اهو پيٽرول پمپ
شاهپور چاڪر جو هڪ وڏو پمپ آهي، هن پمپ تي موجود هڪ هوٽل جتي ايندڙ ويندڙ مسافر هن
هوٽل تي آچي ماني يا چانھ جو مزو وٺندا آهن ۽ هن هوٽل ۾ ويهڻ لاءِ ڪاٺ جا صندۡل
موجود آهن، اسان دوستن به گڏجي هن هوٽل تي ٿوري دير ويهي چانھ جو مزو ورتوسين چانھ
پئيڻ کانپوءِ اسان دوست گڏجي پنهنجي سفر ڏانهن روانا ٿياسين.
جڏهن ته اسان رستي تي موجود سي اين جي
پمپ کي ڪراس ڪيوسين ته اۡتي موجود گاڏين جي قطارائين پئي لڳي ته ڄڻ اسڪول جا ٻار
اسمبلي ۾ قطار لڳائي بيٺا هجن.
جئين اسان جمبڙائو واھ تي پهتاسين ته اسان اۡتي بيهي ڪجھ يادگار تصويرون
ڪڍيوسين، جمبڙائو جا ٻئي پاسا پاڻي سان ڀريل وهي رهيا هئا ۽ جمبڙائو جي پرئين پاسي
کڏڙو شهر آهي، اهو شهر هڪ پنهنجي تاريخي حثيت رکي ٿو هن شهر جو نالو هڪ ملاح مائي
جي نالي سان آهي جنهن جو نالو مائي کڏڙ هو ۽ هن شهر ۾ حمير فقير جو مقبرو موجود
آهي.
اسان به هن درگاھ جي اندر وياسين جڏهن
ته اها درگاه شهر جي وچ ۾ آهي، اسان درگاه جي اندر داخل ٿياسين ته حمير فقير جو
مقبرو هڪ ٽڪري نما اوچائي تي آهي، اسان به هن مقبري ڏانهن مٿي چڙياسين جڏهن ته اها
درگاھ صاف سٿري هئي ۽ هن درگاه جا هر مذهب جا عقيدت مند حاضري ڏين ٿا، اسان به هن
درگاه تي ٿوري دير ويهي ڪري فاتح خواني ڪئي.
تنهن کانپوءِ اسان پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿياسين اسان کڏڙي شهر کا اڳتي وڃي
ڪجھ دير ۾ اسان پنهنجي منزل تي آچي پهتاسين، اسان ٽيويھ چڪ کي پري کان روشني سان
چمڪندي ڏٺوسين.
اهو ڳوٺ ائين پئي لڳو ته ڄڻ هن ڳوٺ ۾ ڪا وڏي شادي هجي، جڏهن ته هن ڳوٺ جا
ماڻهون نهايت ئي عقيدت مند آهن، هن ڳوٺ جا ٻارڙا توڙي ۽ نوجوان به ڏاڍا خوش نظر
اچن پيا، ڳوٺ کي چمڪندڙ روشني سان ڏسي هر پاسي جا ماڻهون هن ڳوٺ اندر گھمڻ لاءَ
اچيو پون.
جڏهن ته هن ڳوٺ جي ننڍين ننڍين گھٽين کي به رنگين روشنين سان سينگاريو ويو،
اهو سمورو روشن نظارو ڏسي دل کي وڻي رهيو هو۽ هن ڳوٺ جا ماڻهون گڏجي ڪري هر سال هن
ڳوٺ کي روشنين سان سينگارين ٿا ۽ پنهنجي
محبت جو اظهار ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد ﷺ سان ڪن ٿا.
اي ڪاش هن ئي ڳوٺ وانگر اسان جي ملڪ جي
عوام متحد ٿئي پنهنجي ملڪ پاڪستان کي روشنين سان چمڪائيندڙ بڻائين.
No comments:
Post a Comment