مٺي جا بنيادي مسئلن کان ڪير واقف
ناهي؟
آڪاش هميراڻي
2k16/MMC/10s
سنڌ جو
21000 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل ضلعو ٿرپارڪر، پاڪستان ۾ پٺتي پيل علائقن ۾ شمار ٿئي
ٿو، جنهن ۾ زندگيءَ جي بنيادي سهولتن جي اڻهوند کان وٺي، سماجي ۽ سياسي ڏيوالپڻو
پڻ چوڌاري گهيرو پئي ڪندو آيو آهي. ماضيءَ ۾ جڏهن اسان وٽ سائنسي ميدان ۾ ايڏي
ترقي نه ٿي هُئي، تڏهن ٻاهرين ماڻهن وٽ ٿر جو تصور مثبت هو، ماڻهوءَ ٿر کي امنَ،
محبتن ۽ مهماننوازي جي روپ ۾ پسيندو هو. ٿري ماڻهن بابت پينُو وارو تصور نه هو.
ٿرين جو تعارف ثقافت جي امين هُئڻ وارو هو، پر جيئن اسان جي ٽين دنيا ۾ سائنس جي
ميدان ۾ ترقي ٿي ته مواصلات جي ذريعن ۾ پڻ اضافو ٿيو ۽ اها مواصلاتي واڌ اهڙن
ماڻهن وٽ هلي ويئي، جيڪي سرمائيدار طبقي سان واسطو رکندڙ هئا، دنيا جي اندر جتي به عوام دشمن حڪومتون اينديون آهن، اُتي
سرمائيدار طبقو انهن جي ونگاري بڻجي ويندو آهي پوءِ چاهي هو ڪنهن به شڪل ۾ هجي، ميڊيا جي صورت
۾ هُجي يا وري ملٽي نيشنل ڪمپنين جي شڪل ۾
هُجي. اهو طبقو حڪومت سان ٽڪر ۾ اچڻ کان بچاءُ لاءِ عوام سان ويساهه گهاتيون
ڪندو رهيو آهي. اهڙو ئي قصو ٿرپارڪر سان
ٿيو آهي، ڏڪار جو ٽريلر جاري ڪري آهستي آهستي وڏي فلم ٿر جي ڳچي ۾ وڌي وئي، جنهن
جا سماج تي ناڪاري اثر پيا آهن، ان سڄي فلم جي شوٽنگ ٿرپارڪر جي شهر مٺي ۾ ڪئي وئي
۽ هن بلاگ جي ذريعي اڄ پاڻ مٺي جي مسئلن تي ٽيڪاٽپڻي ڪنداسين.
ضلعي ٿرپارڪر جو هيڊ ڪوارٽر مٺي آهي، جيڪو
20هزار انساني آبادي تي مشتمل آهي. ايڏي
وڏي آبادي وارو شهر مٺي ڪيترن ئي مسئلن ۾ گهيريل آهي، هتان جو عوام سُٺي تعليم، صحت ۽ بيروزگاريءَ
جهڙن خطرناڪ بنيادي مسئلن کي مُنهن ڏئي رهيو آهي. اچو ته هنن اهم بنيادي مسئلن جو
مختصر طور تي جائزو وٺون.
معياري تعليم جو فقدان:
ٿرپارڪر
جي 25 لک آبادي جو تعليمي مرڪز مٺي شهر آهي، جنهن ۾ صرف هڪ بوائز پوسٽ گريجوئيٽ
ڊگري ڪاليج، هڪ گرلز ڊگري ڪاليج ۽ چند
پرائمري توڙي هاءِ اسڪول آهن، جتي معياري
تعليم جو فقدان آهي، ڊگري ڪاليج مٺي جي مسٽ رول
کولي ڏسبي ته شاگرن جي حاضري صرف 20 سيڪڙو تائين نظر ايندي، ڇاڪاڻ ته ڪاليج
۾ پڙهائيندڙ استادن جا شهر ۾ خانگي ٽيوشن سينٽر کليل آهن، جتي ڪاليج ۾ پڙهندڙ
شاگردن کي پنهنجي سينٽرن تي پڙهڻ لاءِ آماده ڪن ٿا ۽ انهي خانگي ٽيوشن سينٽر
پڙهندڙ شاگرد کي ڪاليج وڃڻ جي ضرورت ئي نٿي پوي، ان کان به معياري تعليم ساڳئي
ڪاليج جي پروفيسرن کان سندن خانگي سينٽر تي حاصل ڪن ٿا، نتيجي ۾ ڪاليج ۾ داخل اُهي شاگرد جيڪي خانگي ٽيوشن
سينٽرن جون فيون ڀري نٿا سگهن سو ئي ڪاليج
جا چڪر ڏيئي پنهنجو سونهري ٽائيم تعليم جي
نالي ۾ ضايع ڪري رهيا آهن، الميو اهو به آهي
ته ڪاليج جي استادن جي مختلف ٽيوشن
سينٽرن جي ٽائمنگ صبح جي وقت به رکيل آهي،
جتي فزڪس، ڪيميسٽري، بايولاجي يا ٻين اهم مضمونن جا اُستاد ڪاليج وڃڻ بدران پنهنجن
خانگي سيٽرن تي پڙهائڻ وڃن ٿا جتي ٿوري تعداد ۾ حاضر ٿيل شاگرد به مايوس ٿي واپس
موٽي وڃن ٿا، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هي حالت سڄي سنڌ جي ڪاليجن جي آهي، پر
ڊائريڪٽر آف ڪاليجز کي ننڊ جون گوريون ڇڏي
هن معاملي جو نوٽيس وٺڻ کپي، ساڳيو حال ئي هاءِ اسڪولز جو آهي.
(هي
تصوير هاءِ اسڪول مٺي جي آهي، جنهن ۾ فرنيچر جي کوٽ هئڻ سبب شاگرد پٽ تي امتحان
ڏئي رهيا آهن (تصوير انٽرنيٽ جي ٿورن سان)
گرلز ڊگري
ڪاليج جو جائزو وٺبو ته اُتي پڻ اها ئي
ساڳي حالت آهي. هاءِ اسڪول، مڊل اسڪول توڙي پرائمري اسڪولن ۾ مقامي
سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪيل استادن جي اولين ترجيح پڙهائڻ بجاءِ حاضري ڀري پنهنجا ڪم
ڪار ڪرڻ آهي، جنهن سبب شاگرد پڙهڻ ۾ دلچسپي ۾ وٺڻ بجاءِ بدظن ٿي وڃن ٿا. مٺي شهر جي ايڏي وڏي آباديءَ ۾ بوائز هاءِ اسڪول
صرف ٻه آهن. جتي شاگردن جو وڏو تعداد پڙهڻ چاهي ٿو پر بلڊنگ توڙي فرنيچر جي کوٽ سبب رهجي وڃي ٿو، ساڳي حالت
درجنين جي تعداد ۾ قائم خانگي اسڪولن جي
آهي. جتي تربيت يافته استادن جي کوٽ سبب
شاگرد صلاحيتن ۾ واڌاري بجاءِ رٽافڪيشن جا ماهر ٿي وڃن ٿا. تعليم هر ماڻهو جو بنيادي حق آهي. پر مٺي شهر ۾
ويٺل ايڏي وڏي آباديءَ مان تمام ٿوري
آبادي آهي، جيڪو تعليم جهڙي بنيادي حق تائين رسائي حاصل ڪري ٿي. هي هڪ اهم مسئلو آهي، جنهن تي اسان سڀني کي سوچڻو پوندو.
صحت جو
به ساڳيو حال!
‘جيءُ خوش
ته جهان خوش!’ واري چوڻي مزاج ۾ انتهائي خوبصور ت حقيقت آهي، پر جتي جيءُ خوش ڪرڻ وارا مسيحا ۽
فلاحي ادارا به نه هجن اُتي سمورو جهان ناخوش هوندو آهي. اسان جو سماج ايترو ته بي حس ٿي چُڪو آهي جو هوءَ پنهنجي ادارن تي
سرڪاري ٺپو هڻي لاوارثي اختيار ڪندو آهي ۽ پوءِ ساڳي ادارن ۾ پنهنجا مرندڙ احساس
ميڙي ڪنهن ڪنڊ پاسي دفن ڪندو آهي. اها ئي ساڳي حالت صرف مٺيءَ جي نه بلڪه پوري
ٿرپارڪر جي 70 بيڊن تي مشتمل وڏي اسپتال سول اسپتال مٺي جي آهي.
(هي تصوير
سول اسپتال مٺي جي آهي جتي ٻارن جي وارڊ ۾ بيڊ گهٽ هئڻ سبب عورتون وارڊ جي ٻاهر
ٻار کي کڻي ويٺل آهن) (تصوير مقامي صحافي جي ٿورن سان)
مٺي شهر جي هيڏي وڏي آباديءَ کي هيءَ اسپتال سُٺي صحت مهيا ڪري نٿي سگهي، سول اسپتال مٺيءَ ۾ دل جي بيمارين وارو وارڊ ته کليل آهي پر اُن جاءِ تي هڪ اهڙو مسيحا موجود آهي جيڪو اڳواٽ ئي پرچي تي ‘ريفر ٽُه سٽي ڪراچي/حيدرآباد’ وارو نوٽ هڻي ويٺو آهي. اهڙي صورتحال ٻين وارڊن جي پڻ آهي، جنهن ۾ مليريا، هيپاٽائٽس، ٽي بي، ڪالرا توڙي ٻارڙن جي بيمارين وارن وارڊ شامل آهي. اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽر فارميٽيڪل ڪمپنين سان پنهنجا شيئر هضم ڪرڻ خاطر غريب عوام کي مهانگين دوائن جو ڊوز خانگي اسٽورن تان خريد ڪرڻ جو لکي ڏين ٿا. جنهن ۾ ڪمپنيون، ڊاڪٽر توڙي ميڊيڪل اسٽور مالڪ خوب جاوا ڪن ٿا. مجموعي طور تي خانگي ڪلينڪن تي غريب عوام جي پهچ نه هئڻ سبب سُٺي صحت کان محروم رهي ٿي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ، دوائڻ جي اڻهوند ۽ ٻين ڪيترن ئي مختلف سببن جي ڪري مريضن جي صحت ۾ سُڌاري بجاءِ ويتر بيماري ۾ اضافو ٿيندو رهندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سُٺي صحت ۽ جهان خوش وارو تصور به مٺي شهر ۾ اڌورو نظر اچي ٿو.
بيروزگاري جي لڳل ڊگهي بازار:
اها هڪ
حقيقت آهي ته سموري ٿر سميت مٺي ۾
بيروزگاريءَ جي شرح ڪجهه وڌيڪ آهي، اُن جا
ڪارڻ ڪيترائي آهن، پر اُنهن ۾ بنيادي ۽
خاص ڪارڻ ميرٽ جي لتاڙ، سياسي سفارشون، نوڪرين جو وڪرو ۽ ٽيسٽنگ ادارن پاران مثبت هدايت ناما جاري نه ٿيڻ آهن.
( تصوير ۾
نظر ايندڙ ريجنل آفيس صوبائي محتسب اعلى
سنڌ ٿر پارڪر ايٽ مٺي جي آفيس آهي، جتي عدالتن ۽ پوليس مان تنگ ٿيل عوام جي نه ئي
صحيح گائڊ لائين ڪئي وڃي ٿي نه ئي ڪو تدارڪ ٿئي ٿو.) (تصوير سوشل ميڊيا جي پيج تان
ورتل)
مٺي شهر ۾ قائم سرڪاري ادارا جن ۾ ڊپٽي ڪمشنر
آفيس، پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، محتسب اعليٰ، نادرا آفيس، توڙي ٻيا سماجي ڀلائي
وارا ڪيترائي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. انهن سمورن ادارن ۾ ويٺل ماڻهن جو وڏو تعداد
يا ته سياسي سفارشن تي ڀرتي ٿيل آهي يا وري پئسا ڏئي نوڪري حاصل ڪئي وئي آهي، جنهن
سبب اُن نوڪري جي اصل حقداري جي حق تلفي ٿئي ٿي ۽ اُهو حقدار اُن حق کان محروم
رهجيو وڃي، جنهن جي نتيجي بيروزگاريءَ جنم
وٺي ٿي. مٺي شهر ۾ خانگي ادارن جي گهڻائي هوندي به ادارن ۾ ويٺل بااثر ماڻهن پاران
ميرٽ جي لتاڙ جاري آهي. جنهن سبب نوجوان کي خانگي ادارن مان به مايوسي پلئه پوي
ٿي. اهي ئي سبب آهن جو سنڌ جي ٻين شهرن وانگر مٺي ۾ بيروزگاري جيئن جو تيئن جاري
آهي. سنڌ جو مستقبل نوجوان آهن ، جيڪي پنهنجي طاقت جي مظاهري سان هن اثر کي ختم
ڪري سگهن ٿا.
Point size is small, no photo. Headline is not attractive. material is good but not narrated in attractive manner. There should be voice, in blog
ReplyDeleteThank you Sir for Feedback, i will send you before editing yhis blog.
Delete