Tuesday, 28 February 2017



ننگر ۾ نينهن پيو نپجي..!
                                                                   آڪاش هميراڻي
                                                                  2K16/MMC/10s          
جولاءِ جي آخري هفتي جي برسات کان پوءِ آگسٽ ۾ اسان به ننگر پارڪر گهُمڻ جو پروگرام جوڙيوسين، جهڙالي صبح جو  ننگرپارڪر جي لوڪل بس پڪڙي سين، برساتن کان پوءِ ٿر نئون جنم وٺندو آهي.  هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي آهي، ماڻهن، پکي پکڻ توڙي جيت جانورن ۾  سرهائي ڇائنجي ويندي آهي، دلڪش منظر من کي منڊي وجهندا آهن.
اسين جنهن گاڏي ۾ سوار هئاسين، سو هر اسٽاپ تي بريڪ ڪندي ٿي هلي، ڳوٺ لوڻيون سمان تي گاڏي بريڪ هنيو ته اسين ٽپ ڏيئي هيٺ لٿاسين، پراڻي هوٽل تي ٻه ٽي واڻ ڇڳل کٽون پيون هيون،  اسين هڪڙي کٽ تي بالم ٿي ويهي رهياسين، پريان ٻه ٽي ٻارڙا وڏي ڄار هيٺيان مينهن جا ماما پڪڙي رهيا هئا، هِڪڙِي پتڪڙي ٻارڙِي مينهن جو مامو پڪڙي ورتو هو ۽ خوشي وچان ٻهڪي پيئي هئي، جيسين هوٽل تي ڪم ڪندڙ ويٽر به آيو ۽ اسان چانهه جو آرڊر ڏيئي، پراڻي پارڪر جي تاريخ تي پنهنجي محدود علم پٽاندر ڳالهيون ڪرڻ ۾ لڳي وياسين.
           گاڏي جڏهن ڀالوا پار ڪيو ته وطن سان محبت جو پڪو احساس من ۾ هُري رهيو هو، روڊ ٽٽل هئڻ سبب گاڏي آهستي آهستي هلي رهي هئي ۽ اسان مارئي جي جنم ڀوميءَ جا وشال کيت ڏسڻ لڳي  وياسين.
ويرا واهه قديم شهر آهي، چون ٿا ته هتان هاڪڙو درياهه وهندو هو، پاري ننگر وڃڻ لاءِ ٻيڙا هلندا هُئا، ٻيڙن ذريعي ڪاروبار ٿيندو هو، ويراه واهه ۾ هڪ پراڻو جين مندر آهي، جيڪو ڏسڻ وٽان آهي. ويرا واهه جو مائو به مشهور آهي، هتي گهمڻ لاءِ ايندڙ سياح مائو ضرور وٺي ويندا آهن.
          ويرا واهه چيڪ پوسٽ تي گاڏي بريڪ هنيو ته يڪدم رينجرز وارو گاڏي تي چڙهي آيو، سڀني مسافرن  جا ڪارڊ چيڪ ڪرڻ لڳو، اسان جي دوست کي وڏي ڏاڙهي هئڻ سان گڏ وڏو ٿيلهو پڻ هو، رينجرز وارو دهشتگرد سمجهي سمورو ٿيلهو کولرائي سامان ڦلهورڻ لڳو،  ڪا به شئي پلئه نه پوڻ ڪري ڪارڊ ڏسي ۽ پتو پڇي پوئين سيٽ تي ويٺل  مسافرن جي  ڪڍ پئجي ويو. اسان جي سيٽ  جي پويان ڏتڙيل  ۽  پريشان حال پوڙهو ويٺل هو، شڪل شبيهه مان ڪولهي لڳي رهيو هو، رينجرز وارو ڪولهي کي ڪارڊ جو مدو ختم هئڻ سبب داٻا ڏيئي رهيو هو، ڪولهي جي خاموشي ڏسي اسان کي ايئن لڳي رهيو هو ته مسڪين ڪولهي  رينجرز جي ڪلور سبب خاموش آهن، اها خاموشي جڏهن به ٽٽي ته انقلاب ضرور آڻيندي.
          ننگرپارڪر اچي چڪو هو، شام جو سج جبلن ۾ پاڻ کي لڪائي رهيو هو، اسان مقامي هوٽل تي دوست جي انتظار ۾ هئاسين ته جيئن سامان سڙو محفوظ رکي ساڙڌڙو ڏانهن نڪري وڃجي. مقامي جهوپڙا هوٽل تي چانهه چڱي ملي هئي، اسين ٽيئي ڄڻا چانهه مان چسڪيون ڀري رهيا هُئاسين، تيسين دوست به اچي ويو، اسين دوست جي جڳهه ڏانهن هلڻ لڳاسين، ورن وڪڙن وارو رستو پار ڪندي سامهون دوست جي جڳهه هُئي، سامان رکي پنڌ ئي پنڌ اسان ساڙڌڙو طرف نڪري وياسين.
          برساتن سبب جبل مان نيون وهي آيون هيون، روڊ جي هيٺانهين پاسي پاڻي جمع ٿي ويو هو، پاڻي ۾ ڏيڏر توڙي آبي جيوت مستيءَ وچان ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيا هُئا ۽ پاڻي جي عڪس ۾  اوچا پهاڙ بادلن وانگر نظر اچي رهيا هُئا. ڪن هنڌن تي وري ندين جي زوردار وهڪري سبب روڊ ٽٽي چڪو هو، سياحن کي اچڻ وڃڻ ۾ تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو، روڊ ۾ استعمال ٿيل ناقص مٽيريل حڪومت جي خراب ڪارڪردگي جو چٽو ثبوت ڏيئي رهيو هو.
          اسين ساڙڌڙو پهچي قميصون لاهي وهنجڻ لڳي وياسين، ساڙڌڙو بابت مختلف روايتون پڻ جڙيل آهن، جيڪي ماڻهن کي ساڙڌڙو ڏانهن متوجهه ڪن ٿيون، چوندا آهن ته ساڙڌڙي ۾ وهنجڻ سان ماڻهو جا اڳيان سمورا پاپ معاف ٿي ويندا آهن پر اها رجعت پرستن جي هٿ ٺوڪي روايت لڳي رهي آهي، اسان جو هن ڏند ڪٿا سان سروڪار نه هو، اسان کي ٿڌو پاڻي مزو ڏيئي رهيو هو، اسان ڳپل وقت تائين وهنجي پوءِ نڪتاسين، ته سج به لهي چُڪو هو. ساڙڌڙي مندر جي چند ئي قدم طرف ٻاووي جي مڙهي مان انڊيا جي ريڊيو چئنل تان سنڌي گيت هلي رهيا هئا، اسين گيت ٻڌڻ لاءِ مڙهي جو رخ ڪيوسين ته گنجي ۽ گوڏ پاتل هڪڙو پوڙهو شخص ڍڳي ڏُهي رهيو هو، هال ۾ ڪيترائي ننڍڙا ٻار، نوجوان ڇوڪريون، اڌڙوٽ عمر واريون عورتون ۽ مرد ويٺل هُئا، قريب ئي اوڀر طرف هڪ جهونو شخص چانهه ٺاهي رهيو هو، اسان اوڏانهن وڃڻ سٺو نه سمجهيو ۽  ٿلهي تي ويٺل پوليس واري طرف وياسين، جيڪو ريڊيو تي گيت ٻڌي رهيو هو. رسمي تعارف کان پوءِ حال احوال ورتاسين ته هڪ نوجوان چانهه جا ڪوپ رکي هليو ويو ۽ اسين چانهه سان گڏ مقامي محافظ کان زماني جون ڳالهيون ڪرڻ ۾ محو ٿي وياسين.
          چوطرف اونداهي پنهنجا پر  پکيڙي رهي هُئي، هڪ ٻئي جا چهرا به مشڪل سان ڏسڻ ۾ پئي آيا،  جبل تي چڙهي ويل ٻڪريون چاريندڙ ڌراڙ هيٺ لهندي سينڊون هڻي رهيا هُئا. اسان  مڙِهيءَ تي ويٺل همراهن کان موڪلائيندي پنڌ ئي پنڌ ساڳئي رستي تان واپس موٽڻ لڳاسين .
          ڪلاڪ کن جي پنڌ کان پوءِ جڳهه تي پهچي تازا توانا ٿي، ڀر ۾ مقامي هوٽل تي ماني کائي رهيا هئاسين ته ٻه بسون سياحن جون ڀرجي آيون، ڪيتريون ئي نوجوان عورتون، ٻارڙا ۽ مرد بس مان لٿا ۽ پاڻي پيئڻ ۾ مصروف ٿي ويا. اسان ماني کائي اٿياسين ته هڪ نوجوان  اسان وٽ آيو ۽ اسان کي پنهنجو تعارف ڪرائيندي ريسٽ هائوس جو پتو پڇيائين، نوجوان ٽنڊي محمد خان جو نظاماڻي ٻڌائي رهيو هو. اسان ريسٽ هائوس جو ڏس پتو ڏيئي جڳهه تي آرام ڪرڻ لاءِ نڪري پياسين.
          ٻئي ڏينهن ننگرپارڪر جي دوست کان موٽر سائيڪل وٺي ڪاسبو وڃڻو هو، سو صبح سوير ئي دوست کي فون ڪري موٽرسائيڪل گهرائي سين، موٽر کڻي اسين ڪاسبي طرف نڪري پياسين.
          ڪاسبي پهچي، شو  مندر جو رخ ڪيوسين، مندر پهچندي ئي يوسف فقير جي مڌر آواز جو پڙاڏو ذهن ۾ گونجڻ لڳو. مندر جي دروازي جي چانئٺ تي پڄندي ئي مور جو رقص ۽ نابين راڳي يوسف فقير جا هٿ هارمونيم تي چُرندي ڏٺاسين،  يوسف فقير لطيف سائينءَ جي وائي، “ آئي مُند ملهار” ڳائي مورن کي سدا هڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو، پوءِ اسان ڪبير ڀڳت جي وائي جي فرمائش رکيسين، جنهن تي يوسف پنهنجي نرالي انداز  سان “من ڀولا ڀولا ڦري جڳت ۾ ڪيسا ناتا ري” ٻڌائي اندر جي هيڪلاين جون تارون ڇيڙي ڇڏيون.
          شِو مندر گهُمندي شو بابت اسان ٽيئي دوست هڪ ٻئي سان خيال ونڊيندا رهياسين ۽ ڳوٺ جي خوبصورت ماحول اسان کي خوب متاثر ڪيو، اسان کي ساڳي ڏينهن واپس مٺي وڃڻو هو سو  راما پير مندر ڏسڻ لاءِ جلدي  ۾ اوڏانهن اُسهياسين، راما پير مندر تي پڄندي ئي هڪڙو ساڌو سرخ رنگ کڻي نراڙ تي تلڪ لڳائڻ لاءِ آتو هيو پر اسان جي منع بعد ائين نه ڪيائين،  اسان تڙ تڪڙ ۾ مندر گهمي واپس ننگرپارڪر ڏي ورياسين، ڪارونجهر جبل جي برساتي پاڻي تي ٺهيل ڊئم وٽ موٽرسائيڪل کي بريڪ ڏنوسين، ڊئم ۾ تازين برساتن سبب جهجهو پاڻي جمع ٿيل هو پر اُتي موجود مقامي ماڻهن کان پڇڻ تي ٻڌايو ته اهو پاڻي وڏيرن جي ٺيڪن سبب اسان جهڙن ننڍن زميندارن کي نه ٿو ملي.
          ننگرپارڪر  پهچي اسان دوست کي موٽرسائيڪل واپس ڏنوسين ۽  مقامي دوست سان گڏ هوٽل تي چانهه  پيتي سين  ۽  بس اسٽاپ جو رخ ڪيوسين، بس ۾ رش نه هجڻ سبب اسان مستيون ۽ کل ڀوڳ ڪندي  امام علي جنجهي جو نظم  پڙهي پاري ننگر جي پٽن کي الوداع ڪيوسين.
ننگر ۾ نينهن پيو نپجي
پٿر جو شهر پاراسيءَ ڊگھيون راتيون ڊسمبر جون،
اوهان جو ڳوٺ ويا پنهنجي پراڻي ياد پئي ٻکجي،
ننگر ۾ نينهن پيو نپجي.

بٺيءَ تي هٿ سيڪيندي قِصو ڪنهن عشق جو ڇيڙيو،
ڳراٺيون درد سان پائي اسان ڍُڪ زهر جو ريڙهيو،
اوهان جي مُرڪ جو ماضي ڏندن ۾ چيچ جيئان چپجي،
ننگر ۾ نينهن پيو نپجي.

اُتر جي اوٺ انچليسر چڙهيو پي چنڊ چاڙيءَ تي،
اُتي عاشق عزازيل رکيا سجدا ھئا ٻاڙيءَ تي،
گذاريل شام جو منظر چمي آيت جيئان رکجي،
ننگر ۾ نينهن پيو نپجي.

وري جو بارشون آيون ندي م نيڻ هئا اٽڪيا،
اڏاڻا جر تان پنڇي مسافر شهر ڏي ڀٽڪيا،
حياتي شل هجو جاني رڳو پئي شاعري لکجي،
ننگر ۾ نينهن پيو نپجي.


روشن ڳوٺ ڏانهن سفر
وسيم احمد
2k16 Mmc 68 :رول نمبر
سياري جي موڪلن ۾ اسان ٽن دوستن جو ٻارنهن ربيع الاول تي هڪ گڏيل طور پروگرام منعقد ڪيو، اهو پروگرام اسان جو هڪ روشني سان سينگاريل هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڏانهن هو اهو ڳوٺ هر سال وانگر هن سال به روشني سان سينگاريل هو هي ڳوٺ منهنجي شهر شاهپور چاڪر کان اوڀر طرف سانگهڙ روڊ واري پاسي آهي، جنهن جو مفاصلو سترانهن ڪلوميٽر شاهپور کان آهي ۽ هن ڳوٺ کي ٽيويھ چڪ ڪري سڏيو وڃي ٿو.
جڏهن ته اسان ٽنهي دوستن شام جي وقت هن ڳوٺ جي سفر تي نڪتاسين ۽ اهو ڳوٺ ويجھو هئيڻ ڪري، اسان پنهنجو سفر موٽر سائيڪل تي ڪيوسين، جڏهن اسان شهر کان ٻاهر وڃي پهتاسين ته اسان کي شهر جي ٻاهرين پمپ کان پيٽرول ڀرايو، جڏهن ته اهو پيٽرول پمپ شاهپور چاڪر جو هڪ وڏو پمپ آهي، هن پمپ تي موجود هڪ هوٽل جتي ايندڙ ويندڙ مسافر هن هوٽل تي آچي ماني يا چانھ جو مزو وٺندا آهن ۽ هن هوٽل ۾ ويهڻ لاءِ ڪاٺ جا صندۡل موجود آهن، اسان دوستن به گڏجي هن هوٽل تي ٿوري دير ويهي چانھ جو مزو ورتوسين چانھ پئيڻ کانپوءِ اسان دوست گڏجي پنهنجي سفر ڏانهن روانا ٿياسين.
 جڏهن ته اسان رستي تي موجود سي اين جي پمپ کي ڪراس ڪيوسين ته اۡتي موجود گاڏين جي قطارائين پئي لڳي ته ڄڻ اسڪول جا ٻار اسمبلي ۾ قطار لڳائي بيٺا هجن.
جئين اسان جمبڙائو واھ تي پهتاسين ته اسان اۡتي بيهي ڪجھ يادگار تصويرون ڪڍيوسين، جمبڙائو جا ٻئي پاسا پاڻي سان ڀريل وهي رهيا هئا ۽ جمبڙائو جي پرئين پاسي کڏڙو شهر آهي، اهو شهر هڪ پنهنجي تاريخي حثيت رکي ٿو هن شهر جو نالو هڪ ملاح مائي جي نالي سان آهي جنهن جو نالو مائي کڏڙ هو ۽ هن شهر ۾ حمير فقير جو مقبرو موجود آهي.
 اسان به هن درگاھ جي اندر وياسين جڏهن ته اها درگاه شهر جي وچ ۾ آهي، اسان درگاه جي اندر داخل ٿياسين ته حمير فقير جو مقبرو هڪ ٽڪري نما اوچائي تي آهي، اسان به هن مقبري ڏانهن مٿي چڙياسين جڏهن ته اها درگاھ صاف سٿري هئي ۽ هن درگاه جا هر مذهب جا عقيدت مند حاضري ڏين ٿا، اسان به هن درگاه تي ٿوري دير ويهي ڪري فاتح خواني ڪئي.
تنهن کانپوءِ اسان پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿياسين اسان کڏڙي شهر کا اڳتي وڃي ڪجھ دير ۾ اسان پنهنجي منزل تي آچي پهتاسين، اسان ٽيويھ چڪ کي پري کان روشني سان چمڪندي ڏٺوسين.
اهو ڳوٺ ائين پئي لڳو ته ڄڻ هن ڳوٺ ۾ ڪا وڏي شادي هجي، جڏهن ته هن ڳوٺ جا ماڻهون نهايت ئي عقيدت مند آهن، هن ڳوٺ جا ٻارڙا توڙي ۽ نوجوان به ڏاڍا خوش نظر اچن پيا، ڳوٺ کي چمڪندڙ روشني سان ڏسي هر پاسي جا ماڻهون هن ڳوٺ اندر گھمڻ لاءَ اچيو پون.
جڏهن ته هن ڳوٺ جي ننڍين ننڍين گھٽين کي به رنگين روشنين سان سينگاريو ويو، اهو سمورو روشن نظارو ڏسي دل کي وڻي رهيو هو۽ هن ڳوٺ جا ماڻهون گڏجي ڪري هر سال هن ڳوٺ کي  روشنين سان سينگارين ٿا ۽ پنهنجي محبت جو اظهار ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد ﷺ سان ڪن ٿا.
اي ڪاش هن ئي ڳوٺ وانگر اسان جي ملڪ جي عوام متحد ٿئي پنهنجي ملڪ پاڪستان کي روشنين سان چمڪائيندڙ بڻائين.

Wednesday, 15 February 2017

#Poverty, Causes and Solutions: Blog writing By Akash Hamirani

غربت، ڪارڻ  ۽ اُن جا حل!
                                                                             آڪاش هميراڻي
                                                                             2k16/MC/10s
غربت ڪا حادثو يا الهامي شئي ناهي، اها ماڻهن جي پيدا ڪيل آهي ۽ ماڻهن جي جدوجهد جي ذريعي ئي ختم ڪري سگهجي ٿي، هي لفظ جڳ مشهور آفريڪي اڳواڻ نيلسن منڊيلا جا آهن، جنهن وطن جي آزادي ۽ قومي تشخص خاطر 36 سال جيل جي سلاخن پويان بند ۾ گذاريا.
پاڻ اڄ “غربت” جهڙي تيزي سان وڌنڌڙ  موضوع تي ٽيڪا ٽپڻي ڪنداسين. اول پاڻ غربت جي وصف  معلوم ڪنداسين ته غربت ڇا آهي.؟ منهنجي خيال ۾ غربت بنيادي سهولتن جو نه هجڻ آهي، ماڻهوءَ وٽ معاشي سگهه نه هجڻ ڪري اهو بنيادي سهولتن تائين پهچي نٿو سگهي، جنهن ڪري هوءُ غريب سڏجي ٿو، غربت ڪئين جنم وٺي ٿي؟ اُهي ڪهڙا سبب آهن، جنهن جي ڪري غربت وڌي ويجهي ٿي؟ غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻ کپي؟ اهي اهڙا سوال آهن، جيڪي هر ڪنهن جي ذهن جي اسڪرين تي الارم وانگر وڄندا رهن ٿا، اچو ته ان جو مختصر جائزو وٺون.
غربت معاشي استحصال سبب جنم وٺندي آهي، چونڊيل توڙي آمرنه حڪومتون جڏهن پنهنجا ڀڀ ڀرڻ يا عسڪري قوتن کي سگهارو بنائڻ لاءِ عوام مٿان ٽئڪسن جا پهاڙ ڪيرائينديون آهن، تڏهن عوام واهپي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندا آهن، عام ماڻهو جي زندگي ۾ ڏکيائون پيش اچڻ لڳنديون آهن، عام ماڻهو  زندگي جي بنيادي سهولتن کان محروم ٿيندو ويندو آهي ۽ غربت ڪينسر جي مرض وانگر پنهنجو اثر وڌائيندي رهندي آهي، ٻيو سبب اهو به آهي ته حڪومتن جي پورهيت ۽ مزدور دشمن سرمائيندارنه پاليسيون  غربت ۾ اضافي جو سبب بڻجن ٿيون ۽ عوام مسلسل غربت جي چڪي ۾ پيسجندو رهي ٿو، ٽيون سبب آبادي ۾ واڌارو ۽ خانداني منصوبه بندي جو نه هجڻ به آهي، جنهن سان سماج جي موجوده وسيلن ۾ آهستي آهستي  گهٽتائي ٿيندي رهي ٿي ۽ غربت پنهنجون پاڙون مضبوط ڪندي آهي، معاشي ذريعا محدود هجڻ جي ڪري بيروزگاري جنم وٺندي آهي، جيڪا غربت جي ماءُ آهي، اها به اٽل حقيقت آهي ته جنهن وطن ۾ پسماندگي، سياسي جهيڙا ۽ معروضي حالتون بگڙيل هجن اُن سرزمين تي پرڏيهي سيڙپڪاري سيڙپ ڪرڻ کان لنوائيندا رهندا آهن، جنهن ڪري بيروزگاري ۽ غربت جو عذاب عوام مٿان نازل ٿيندو رهندو آهي، قومي ناڻي جو کوٽ، وسيلن جي اڻبرابري جي بنياد تي ورڇ، ٽيڪنلاجي جي ميدان ۾ ڪمزوري، زرعي پسماندگي، بچت جو نه هجڻ، تعليم جي ميدان ۾ پوئتي  هجڻ، قانون جي حڪمراني جي بحران سبب غربت ڪاريهر وانگر ڪر کڻي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏي ٿي، گلوبل فنانس نالي هڪ ويب سائيٽ 2015  ۾ 185 غريب ملڪن جي لسٽ جاري پڻ ڪئي هئي، جنهن ۾ اسان جو ملڪ 52 هين نمبر تي آهي، جڏهن ته بنگلاديش 46 هين نمبر تي آهي، اسان جو حڪمران طبقو  ماضي مان سکڻ بجاءِ غلطيون ورجائيندو رهندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان غريب کان غريب تر ٿيڻ وڃي رهيا آهيون، اهو بنا ڪنهن شڪ جي شرمناڪ عمل آهي.

هاڻي پاڻ پنهنجي بلاگ جي اختتام ۾ غربت ختم ڪرڻ جا حل ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هر رياست پنهنجي عوام لاءِ ماءُ وانگر هوندي آهي، ماءُ ڪڏهن به نه چاهيندي آهي ته پنهنجي ٻارن کي ڪو ڏکيو وقت اچي، سو منهنجي خيال ۾ رياست جي اولين ترجيح پنهنجي عوام هئڻ گهرجي، رياست جي اندر موجود حڪومت کي پورهيت دوستن ۽ مزدور دوست معاشي پاليسي متعارف ڪرائڻ گهرجي، عام واهپي جي شين تي وڌيڪ ٽئڪس مڙهي عوام کي معاشي ڏيوالپڻي طرف ڌڪڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، سياسي ٽڪراءُ کان پاسو ڪري قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو وڃي ته جيئن ٻاهريان سيڙپڪار خطي ۾ سيڙپڪاري ڪن، ان سان خطي ۾ بيروزگاري جي شرح کي گهٽائي  سگهجي، وسيلن جي برابري جي بنياد تي ورڇ ڪري وسيلن جي بچت تي زور ڏيڻ گهرجي، تعليم کي مفت ڪري عوامي ڀلائي وارا ڪم متعارف ڪرايا وڃن ته جيئن سماج ۾ غربت جهڙي خطرناڪ عنصر کان بچي سگهجي، هڪ خوشحال ۽ پرُ سڪون سماج جو بنياد رکي سگهجي. 




غربت، ڪارڻ ۽ انهن جا  حل.                                                    
                                                                     وسيم احمد انڙ                                                      
غربت جي لڪير ۾ آيل ملڪن جي باري ۾ سوچنداسين ته دنيا جا ڪافي سارا ملڪ آهن، پر ان غربت جو سٽيل اسان جو ملڪ پاڪستان به آهي، جتي جا حڪمران آمير ته آهن پر اۡهي پنهنجي ملڪيت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ گڏ ڪري رکن ٿا ته سندن پئسو دنيا جي وڏن ملڪن ۾ سرمائيداري ۾ ڪم اچي جنهن سان حڪمرانن کي فائدو رسي ۽ انهن کي غربت جي ڪهڙي پرواهه جڏهن ته ملڪ جي اهڙي حالت ڏسي هتان جي مڊل ڪلاس گهراڻي سان تعلق رکندڙ نوجوان گهڻو ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ ڪمائي لاءِ وڃن ٿا ۽ جيڪي غريب نوجوان آهن اُهي وري بيروزگاري کان تنگ اچي خودڪشي ڪري ڇڏين پر افسوس ته اسان جي حڪمرانن کي پرواهه نه آهي ته ڀلي پيا نوجوان پنهنجي قيمتي زندگي جو آنت آڻين. جئين ته اسان جي ملڪ اندر کوڙ سارا مدني وسيلا به آهن پر انهن مان به ملڪ جي عوام کي فائدو نه پيو رسي، جڏهن ته ملڪ اندر وڌنڌڙ آبادي سان گڏوگڏ بيروزگاري ۽ خوراڪ جي ڪمي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي، جنهن سبب ملڪ اندر غربت وڌيو پوي. حڪومت جي طرفان غربت ڪنٽرول ڪرڻ لاءَ مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن، جيئن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جنهن ۾ غريب خاندان کي هر ڇھه مينهي ٻه کان ٽي هزار ڏنا ٿا وڃن پر ڇا اهي ٽي هزار هر خاندان جي فرد لاءِ ڪافي آهن؟ جڏهن ته ملڪ اندر وڌنڌڙ مهانگائي جي مدي نظر انهن پئسن مان فقط هفتي جو به راشن وڏي مشڪل سان ٿيندو. ڀلا ڪئين اُهي غريب ماڻهون انهن پئسن مان گذر ڪن؟ جڏهن ته اهڙن حڪومتن جي ناڪاره منصوبن تحت غريب عوام وڌيڪ تڪليف ۾ اچيو پوي، حڪومتن کي کپي ته ملڪ جي اندر پهرين بيروزگاري ختم ڪري تنهن کان پوءِ ملڪ جي زراعت کي تمام بهتر ڪرڻ جا اُپاءَ وٺن، جنهن سان ملڪ اندر کاڌ خوراڪ جا مسئلا حل ٿي سگھن، حڪومتن کي اهو به ضرور ڪرڻ گھرجي ته اُهي سالياني بجيٽ  کي عوام دوست ڪري پيش ڪن جيئن ته روزمرهه جون عام واهپي جي شين تي ٽئڪس نه لڳائين ته اهي عام شيون غريب عوام کي سستي اۡگھه ۾ ملن، جنهن سان اسان جي ملڪ جي غربت ڪافي حد تائين گھٽجي سگھي ٿي، ملڪ جي اندر موجود حڪمرانن کي به گھرجي ته اُهي پنهنجو پئسو ٻاهرين ملڪ بدران پنهنجي ملڪ ۾ سرمائيداري ڪن، جنهن سان ملڪ اندر بيروزگاري، بدحالي، بُک ۽ غريبي جلد ئي ختم ٿيو وڃي ۽ ملڪ کي ترقي وٺرائي سگهجي..